سنڌ ماضي، حال ۽ مستقبل

سنڌ ماضي، حال ۽ مستقبل

سنڌ ماضي حال ۽ مستقبل

سنڌ ماضي، حال ۽ مستقبل (ڪتاب): هي ڊاڪٽر حميده کهڙو جي سنڌ بابت مضمونن جو ڪتاب منصور قادر جوڻيجي ترتيب ڏنو آهي. ڪتاب ۾ ادب، سياست، سماج ۽ تاريخ بابت ڊاڪٽر صاحبه جا مضمون، مقالا، تقريرون ۽ انٽرويو شامل آهن، جن مان ڪن اهم مضمونن/ مقالن جو وچور هن ريت آهي: سنڌ صدين کان، نئين سنڌ جي تخليق، سنڌ تي هڪ نظر، ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي زماني ۾ سنڌ جي تعليم، اوڻيهين صديءَ جي گوريلا ويڙهه، پاڪستان جو پوسٽ مارٽم، 1971ع جو آئين ۽ صوبن جا حق، سن ڪانفرنس، سنڌ قومي اتحاد ۽ سنڌ جا مسئلا وغيره اهڙي طرح سندس انٽرويوئن ۾ همعصر دور جا مسئلا بيان ڪيا ويا آهن.
ڊيمي سائيز جي 356 صفحن تي مشتمل، پڪي جلد واري هن ڪتاب کي سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽي ڪراچيءَ 2007ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ۽ ان جي قيمت 250 رپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو